لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي سمورن مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ريلوي طرفان مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ ڏهه سيڪڙو لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڀاڙڻ ۾ لاٿ جو فيصلو ايئر ڪنڊيشنڊ سميت تمام مسافرن ٽرينن تي لاڳو هوندو.
پڌرائي ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ لاٿ 23 سپٽيمبر کان لاڳو هوندي.
پڌرائي موجب، پگهارن ۾ ويهه سيڪڙو واڌ ۽ ٻين خرچن باوجود مسافر ٽرينن جا ڀاڙا گهٽايا ويا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ به پيٽروليم شين جي قيمتون گهٽجڻ تي مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي هئي.
You might also like