وڏي وزير جو اڳوڻو صلاحڪار اسماعيل ڏاهري گرفتار، گاڏيءَ مان پنج ڪلو چرس هٿ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳوڻي صلاحڪار اساعيل ڏاهري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، اساعيل ڏاهري کي حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد مان ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس قبضي مان پنج ڪلو چرس، ڪلاشنڪوف ۽ روڪ رقم هٿ ڪري، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسماعيل ڏاهري منشيات جو عادي آهي، سندس گاڏيءَ مان منشيات هٿ آئي آهي، ممڪن آهي ته هو منشيات جو ڪاروبار ملوث هجي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
پوليس موجب، جوابدار پاڇا ڳاڇا دوران قبول ڪيو ته هو منشيات جو ڪاروبار ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.