لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ريڊ بال ٽيم جي هاءِ پرفارمنس ڪوچ جي ڳولا لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو.
هاءِ پرفارمنس ڪوچ، هيڊ ڪوچ جي گيم پلاننگ ۾ مدد ڪندو جڏهن ته هاءِ پرفارمنس ڪوچ پرفارمنس ۾ اضافي لاءِ ٽورنامينٽس کان اڳ ۽ پوءِ تيارين بابت به هيڊ ڪوچ سان سهڪار ڪندو.
پي سي بي موجب پنج سالا تجربو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ليول ٽو ڪوچ درخواست ڏيڻ جا اهل آهن، خواهشمند اميدوار سٽ آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
بنگلاديش خلاف سيريز ٽِم نيلسن هاءِ پرفارمنس ڪوچ جون ذميواريون انجام ڏنيون هيون، کيس ڏکڻ آسٽريليا مان ريڊ بال ڪوچ جيسن گليسپي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽِم نيلسن ئي ريڊ بال هاءِ پرفارمنس ڪوچ هوندو، باظابطا مقرريءَ لاءِ ضروري ڪارروائي طور اشتهار جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like