ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ سي پيڪ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ حيدرآباد کان سکر موٽر وي کي سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ
جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي سنڌ جو اهم منصوبو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سي پيڪ منصوبن ۾ ڪي سي آر منصوبي جي منظوري بابت به خيالن جو اظھار ڪيو. چين جي جنرل قونصل چيو تھ چيني اختياريون انهن ٻنهي منصوبن تي غور ڪري رهيون آهن. قونصل جنرل سنڌ جي وڏي وزير کي قومي ڏينهن جي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.