رات جو باربي ڪيو کائيندڙن لاءِ بُري خبر

پاڪستان سميت سڄي دنيا دنيا ۾ گوشت کي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ پاڪستان ۾ گوشت جو باقاعدي سان استعمال ڪيو ويندو آهي.
گوشت کائڻ دوران احتياط نه ڪرڻ سبب ماڻهن کي تيزابيت، هارٽ برن، قبض ۽ فوڊ پوائزننگ جهڙيون شڪايتون رهنديون آهن.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رات جو گوشت، خاص طور باربي ڪيو کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ان حوالي سان ڊاڪٽر سحر چاولا جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ چئي ٿي ته کاڌي جا ٽي جُز هوندا آهن، ڪاربوهائيڊريٽ، پروٽين ۽ فيٽ ۽ معدي کي سڀ کان وڌيڪ محنت پروٽين کي هضم ڪرڻ ۾ لڳندي آهي، تنهن ڪري معدي کي سمهڻ کان اڳ پروٽين پسند ناهي.
هن چيو ته پاڪستاني عوامي گوشت ۽ باربي ڪيو کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي، تنهن ڪري سمهڻ تائين اهو کائيندو آهي ۽ معدو سڄي رات ايڪٽو رهندو آهي ۽ پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي، اهڙا ماڻهو شگر جهڙين بيمارين کي منهن ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.