اڌ مٿي جي سور جي مختلف ڪيفيتن کي مائگرين چيو ويندو آهي، انهن ڪيفيتن ۾ ڪجهه ماڻهن کي اکين آڏو اونداهي ٿي ويندي آهي، ڪجهه کي ننڊ اچڻ لڳندي آهي، ڪجهه کي الٽي ٿيندي آهي.
هر انسان ۾ مائگرين جو دورانيو مختلف هوندو آهي، ڪجهه ماڻهن کي منٽن جي تڪليف ٿيندي آهي ته ڪنهن کي وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ سور رهندو آهي.
هڪ تحقيق موجب اڌ مٿي جو سور 16 کان 40 سالن تائين عمر جي ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.
مائگرين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا
1: اڌ مٿي ۾ سور ٿيڻ جي صورت ۾ 5 بادام ۽ 3 ڪارا مرچ هلڪي گرم کير ۾ وجهي پيئڻ سان فائدو ٿيندو.
2: مائگرين ۾ سرنهن جي تيل جو استعمال به فائدو ڏيندو آهي، سرنهن جي تيل کي ٿورو گرم ڪيو ۽ ان ۾ ننڍا ڦٽا ملائي لڳايو.
3: سخت تڪليف جي صورت ۾ دارچيني جو پيسٽ ٺاهي ان جاءِ تي لڳايو.
4: انگور جو استعمال به فائديمند آهي، مائگرين ٿيڻ جي صورت ۾ انگور جو جوس پيئو يا ثابت انگور کائو.
5: اڌ مٿي جو سور هجي ته روشني کان پاسو ڪري اونداهي ۾ وڃو، ڪمري جو بلب بند ڪري ٿوري دير آرام ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like