خيبر پختونخواهه ۾ 18 هزار کان وڌيڪ والدين جو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي 18 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
خيبر پختونخواهه جي 27 ضلعن ۾ 9 پوليو روڪ مهم بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب پوليو روڪ مهم ۾ مجموعي طور تي 56 لک 86 هزار ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويا.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته 18 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو.
دستاويز موجب پشاور ۾ سڀ کان وڌيڪ 8 هزار 672 والدين ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.