واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ جهيڙي کانپوءِ پوليس آفيسر جج کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جي هڪ ترجمان موجب فائرنگ جو واقعو مڪي اسٽائنز ۽ جج ڪيوين مولنز وچ ۾ ڏند چڪ کانپوءِ پيش آيو.
ان حوالي سان مقامي ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا جي ڏکڻ رياست ڪينٽڪي ۾ خميس تي مڪي اسٽائنز کي 54 ورهين جي ڊسٽرڪٽ جج ڪيوين مولنز کي سندس عدالتي آفيس ۾ گولي هڻي مارڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
جاچ اختيارين موجب هيل تائين قتل جا ڪارڻ سامهون ناهن آيا.
You might also like