پاڪستان جو هر شهري ڪيترن لکن جو قرضي آهي؟ تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو هر شهري 2 لک 95 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو، پاڪستان جي مجموعي قرض ۾ 8 هزار 365 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ مجموعي قرض 71 هزار 241 ارب رپيا ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل دستاويز موجب مالي سال 23-2022 ۾ مجموعي ملڪي قرض 62 هزار 881 ارب رپيا هو، ملڪي قرض جي ڊي پي جي 67.2 سيڪڙو جي برابر پهچي ويو، ملڪي مقامي قرض ۾ 8 هزار 350 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ملڪي مجموعي مقامي قرض 47 هزار 160 ارب رپيا ٿي ويو.
ناڻي واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جو ٻاهريون قرض 33 هزار 62 ارب رپيا ٿي ويو، خالص حڪومتي ٻاهريون قرض 21 هزار 754 ارب رپيا ٿي ويو، پاڪستان تي آءِ ايم ايف جي قرض ۾ 292 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان تي آءِ ايم ايف قرض 2 هزار 332 ارب رپيا ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.