لاهور ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ جي درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جو جلسو روڪرائڻ جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي لاهور ۾ جلسي جي اجازت بابت داخل درخواستن تي هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني فل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ايڊووڪيٽ نديم سرور پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ جي درخاوست داخل ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس فاروق حيدر چيو ته اوهان متاثر ڌر نه آهيو جڏهن ته جسٽس طارق نديم چيف سيڪريٽري سان مڪالمو ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب هي ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون، اڄ جيڪي ماڻهو منصب تي آهن اُهي ماضيءَ ۾ اپوزيشن ۾ هئا، ماضي ۾ جيڪي اپوزيشن ۾ هئا اُهي به خدشن جو اظهار ڪندا رهيا، اوهان تڏهن به سروس ۾ هئا ۽ اڄ به سروس ۾ آهيو، اسان کي گهرجي ته هن ملڪ لاءِ ڪجهه بهتر ڪري وڃون، اوهان لاهور ۾ جلسي لاءِ ٻه ٽي جايون مختص ڪري ڇڏيو ته جيئن عوام پريشان نه ٿئي.
جسٽس طارق نعيم چيو ته سمورا آفيسر سڀ ڪم ڇڏي هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺا آهن، سڄي عمر ماڻهو عهدي تي ناهي رهندو، دنيا ڪٿان کان ڪٿي پهچي وئي، اسان دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون؟
جسٽس فاروق حيدر آءِ جي پنجاب کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جي هوندي اسان اهڙي اميد نٿا ڪريون، ڇا اوهان سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي هراسان ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان چيو ته اسان جي طرفان ڪنهن کي هراسان نه پيو ڪيو وڃي.
لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي جلسي جي اجازت لاءِ درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس فاروق هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور قانون موجب اڄ شام پنجين وڳي تائين درخواست تي فيصلو ڪري، ان کانپوءِ عدالت جلسي جي اجازت لاءِ داخل درخواست به اڪلائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.