اسٽيبلشمينٽ پاران آئيني ترميمن جي منظوري لاءِ حڪومت کي مهلت، ايمرجنسي جو به آپشن؟

اسلام آباد(فخر دراني+آصف بشير چوڌري)فضل الرحمان سان شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي ملاقات دوران بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ انوارالحق ڪاڪڙ به حيرت انگيز طور موجود  هئا،ذريعن موجب فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سرفراز بگٽي سان الڳ ڪمري ۾ اڌ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي جنهن بعد کين الوداع ڪري شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل سان ملاقات ڪئي، مولانا کين ٻڌايو ته حڪومت پاران پيش ڪيل ڊرافٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت خطرناڪ شق شامل هئي، مون حڪومتي عهديدارن کي چيو ته اها شق سڀاڻي توهان خلاف به استعمال ٿي سگهي ٿي،حڪومتي وفد اها شق ختم ڪرڻ جي آگاهي ڏني، شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل مولانا کي مشورو ڏنو ته توهان کي فوري طور تي ترميم لاءِ راضپو ناهي ڏيکارڻو،ٻئي پاسي عدليه ۾ انهن ترميمن تي ڳڻتي آهي ٻئي پاسي وڪيل تنظيمون به ميدان تي لهڻ جي تياري ڪري رهيون آهن،هڪ ناليواري قانون دان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئيني ترميمون منظور ٿي به ويون تڏهن به اها جنگ جاري رهندي ۽ ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا،وڪيل ۽ عدليه آخري حد تائين مزاحمت ڪنديون،ذريعن موجب ن ليگ پاران مولانا کي پرچائڻ لاءِ سنجيدگي نه ڏيکاري وئي، ان جا اهم اڳواڻ خواجا آصف، راڻا ثناءُ الله ۽ احسن اقبال،جاويد لطيف،سعد رفيق، فضل الرحمان وٽ نه ويا،سياسي تنظيمون نه پيون چاهين ته اهو قانون پاس ٿئي ڇو ته حڪومتي مدو پورو ٿيڻ تي کين اهو قانون سندن خلاف استعمال ٿيڻ جو خدشو آهي، 25 آڪٽوبر تائين جو وقت تمام اهم آهي، ان تاريخ تائين آئيني ترميمون منظور نه ٿيون ته ايمرجنسي جو آپشن به غور هيٺ آهي،واضح رهي ته 25 آڪٽوبر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ جو ڏينهن آهي،قاضي فائز عيسيٰ بابت طاقتور حلقن جو ماڻهو هئڻ جو تاثر بلڪل غلط آهي جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه لاءِ پي ٽي آءِ حامي جج جو تاثر به غلط آهي، هو هڪ سڌارا پسند جج آهي، هو  ڀڀڪين ۽ رمارڪس بدران فيصلا ڪندو آهي،هو رٻڙ اسٽيمپ جج نه هوندو ان ڪري طاقتور حلقن هن کان پاسيرو آهن،هو ڪنهن کي قانون کان هٽي فيور نه ڏيندو، ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ايمرجنسي سيٽ اپ ۾ حصي پتي لاءِ ماڻهن طاقتور حلقن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن،ايمرجنسي سيٽ اپ لاءِ هڪ نالو انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مشاهد حسين سيد جو نالو به گردش ۾ آهي،ذريعن موجب آئيني ترميمن جي پهرين مرحلي ۾ ناڪامي تي اسٽيبلشمينٽ ۾ تمام گهڻي ناراضگي آهي،ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سياستدانن هڪ ٻئي سان ”فڪس ميچ” کيڏيو آهي،انهن ڄاڻي واڻي اهو ڪم ناهي ڪيو ڇو ته سڀاڻي اها ترميم سندن لاءِ ڳلي جي هڏي بڻجي سگهي ٿي.

اسلام آباد(منيب فاروق)آئيني ترميم منظور نه ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، عاليه حمزا ۽ ٻيناڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا لڳڻ لڳا آهن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مولانا فضل الرحمان سان هنگامي ملاقات ڪئي ۽ طاقتور حلقن جو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي، ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن کي محسن نقوي جي سرگرمين تي اعتراض آهي،سندن موقف آهي ته اهو ڪم اسان کي ڪرڻ ڏنو وڃي ها، فضل الرحمان ايندڙ ڏهن ڏينهن لاءِ اسلام آباد کان ٻاهر وڃي رهيو آهي،حڪومت تي وڏو دٻاءُ آهي ته سيپٽمبر جي آخري هفتي يا آڪٽوبر جي پهرين هفتي  ۾ آئيني ترميم منظور ڪرائي وڃي، هن وقت مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي سياسي طور پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت کي هوا ۾ لٽڪائي رکيو آهي ۽ ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ کي به اميد ڏياري رکي آهي،ذريعن موجب اهي ترميمون منظور نه ٿيون ته آئين کان مٿانهون قدم کڄي سگهي ٿو، وزيراعظم شهبازشريف کي به احساس آهي ته ملبو حڪومت تي ڪرندو، ان سڄي معاملي ۾ پ پ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿي، صدر زرداري پنهنجا ڪارڊ سمجهداري سان کيڏيا آهن،بلاول سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي  ۽ اهو تاثر عام ٿي ويو آهي ته ن ليگ جا هٿ پير سڄي ويا آهن انهن کي ڪم ڪرڻ جي پروڙ ئي ناهي، ترميمن تي فوجي عدالتن، آرٽيڪل 184(3)آرٽيڪل 8 ۽ آرٽيڪل 99 تي اٽڪيل آهي، جنهن تي مولانا کي خدشا آهن تنهن ڪري هو تڪڙ نٿو ڪرڻ چاهي،محسن نقوي نه گهڻو پراميد آهي نه ئي مايوس آهي،ترميم منظور نه ٿيڻ تي اسٽيبلشمينٽ وٽ پلان بي موجود آهي.

نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، خميس 19 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.