خاص نمبر پليٽن جي خواهشمندن لاءِ وڏي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايڪسائز کاتي پريميئم نمبر پليٽن لاءِ آن لائن ٻولي جو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمن چيو آهي ته پلاٽينيم، گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگرين ۾ نمبر پليٽن تي هاڻ آن لائن ٻولي لڳائي سگهبي.
شرجيل ميمڻ ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي اجلاس ۾ گفتگو ڪندي چيو ته پريميئم نمبر پليٽن لاءِ خاص پورٽل متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان خواهشمند ماڻهن کي مقرر وقت اندر آن لائن ٻولي ذريعي پريميئم پليٽون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
هن چيو ته ٻولي مان حاصل ٿيندڙ سموري رقم سڌي ريت ٻوڏ متاثرن جي هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ رکي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.