ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نادرا کي وراثتي سرٽيفڪيٽ ۽ ليٽر آف ايڊمنسٽريشن جي فيس وصولي کان روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نادرا طرفان وراثت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي فيس وصولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ، ايف آر سي ۽ ٻين دستاويزن جي فيس معمول موجب وصول ڪري سگهجي ٿي پر عدالت ڌرين کان وراثتي سرٽيفڪيٽ جي فيس وصولي جي معاملي تي مدد طلب ڪري ورتي.
عدالت چيو ته ڇا نادرا ملڪيت موجب وراثتي سرٽيفڪيٽ جي فيس وصول ڪري سگهي ٿي؟ ڇا رياست وراثتي سرٽيفڪيٽ جي مد ۾ فيس وصول ڪري سگهي ٿي؟ ڇا وراثتي سرٽيفڪيٽ جي درخواست رد ڪرڻ جي صورت ۾ نادرا فيس وصول ڪري سگهي ٿي؟
عدالت ڌرين سميت ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان 29 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نادرا وارا وراثتي سرٽيفڪيٽ جي درخواست رد ڪرڻ باوجود ڪيس وصول ڪري رهيا آهن.
وڪيل چيو ته نادرا قانونن موجب رڳو سروسز جي فراهمي جي صورت ۾ فيس وصول ڪري سگهجي ٿي، سرٽيفڪيٽ جي درخواست رد ڪرڻ سروسز جي زمري ۾ نٿو اچي، جڏهن ته وراثتي سرٽيفڪيٽ جي مد ۾ 22 هزار رپيا فيس جو ڪو جواز ناهي.
Prev Post
You might also like