اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جون جون واڌايون پيش ڪيون.
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت طيبه زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، حضرت محمد مصطفىٰ صه قيامت تائين انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏکئي دور ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت کي پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
هن چيو ته عالم اسلام ۽ پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن چيلينجز ۽ ڏکيائين جو حل نبي اڪرم صه جي تعليم تي عمل ڪرڻ ۾ آهي.
حضرت محمد مصطفىٰ صه قيامت تائين انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن: صدر/وزيراعظم
You might also like