گهوٽڪي ۾شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي تي حملو،ڪيترائي زخمي

گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ+ آزاد مهر)ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ  ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ شهيد صحافي جي وارثن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن يعقوب گڏاڻي، محمد بخش گڏاڻي، جنيد جلباڻي، سڪندر سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ايس ايس پي ميرپور ماٿيلو جي آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪريو جا نعرا لکيل هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس بااثر ڀوتارن جي وانگارو بڻيل آهي شهيد صحافي جا قاتل عبدالله لنڊ برڪت لنڊ ۽ ٻيا هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن الٽو شهيد صحافي جي خاندان کي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

گهوٽڪي : شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نڪتل ريلي مٿان خالد لنڊ جي هٿياربندن جو حملو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سميت صحافين سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن ايس ايس پي آفيس آڏو نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاج بعد واپس ايندڙ مظاهرين مٿان هٿياربندن لٺين سان حملو ڪري ڏنو هٿيارن جا قنداق هڻي ڪيترائي ماڻهو زخمي ڪري ڇڏيا ڪيترن ئي صحافين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن صحافين ۽ سوشل ورڪرن کان موبائيل فون به ڦر ڪيا ويا آهن اهڙي صورتحال م پوليس تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ذريعن موجب لنڊ هٿياربندن جي حملي م 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو وڃي هوڏانهن واقعي بعد شهيد صحافي نصرالله جي وارثن ۽ صحافين پاران ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ڌرڻو لڳايو ويو آهي ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن پاران حملو ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو. ٻئي پاسي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن تي ٿيل حملي ۽ ريلي جي سڪيورٽي جا انتظام بهتر نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ميرپور ماٿيلو حفيظ الرحمن بگٽي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو محمد قابل ڀيو کي معطل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين گڏيل ريلي جي سڪيورٽي جا بهتر انتظام نه هجڻ ۽ پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپور ماٿيلو حفيظ الرحمن بگٽي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو محمد قابل ڀيو کي مطل ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نڪتل ريلي تي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪيو جنهن سبب شهيد جي ڀاءّ سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جنهن بعد ايس ايس ميرپور ماٿيلو پاران ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي.

اسان کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي: يعقوب گڏاڻي

گهوٽڪي :ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور به وڏيرن جو وانگارو بڻيل حملو ڪندڙ هٿياربندن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته لنڊ برادري جي 200 سو کان وڌيڪ  هٿياربندن شهر جي تمام روڊ رستن  کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو شهر يرغمال ٿي  ويو اسين برف ڪارخاني سامهون روڊ تي ويٺل آهيون پوليس غائب آهي اسان کي قتل ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي اسان سان ظلم آهي فوري طور هٿياربندن غنڊن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

احتجاجي ريلي مٿان حملي جو اطلاع ملڻ باوجود پوليس تماشائي بڻيل

گهوٽڪي : خالد لنڊ جي هٿياربندن پاران احتجاج ڪندڙن مٿان حملو ڪرڻ وقت ٿڏي تي پوليس پهچڻ باوجود خاموش تماشائي بڻيل رهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.