ڪِرڙي جيتن جي ڳولا ۾ اسان جي گهرن ۾ گهڙي ويندي آهي، باورچي خاني ۾ ڪرڙي جي موجودگي عام ڳالهه آهي ۽ عورتون ان کي ڏسي ڊڄي وينديون آهن.
ڪرڙي کي ڪجهه آسان طريقن سان رڌڻي مان ڀڄائي سگهجي ٿو.
1. بيضن جون کلون
استعمال ٿيل بيضن جون کلون ڪرڙي کي پري رکڻ لاءِ استعمال ڪيو، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڪرڙي بيضن جي کلن جي بوءِ برداشت ناهي ڪري سگهندي، انهن بيضن جي کلن کي درن، درين يا اهڙي جاءِ تي رکو، جتي توهان کي لڳي ته ڪرڙي لڪي رهي آهي.
2. کيري جو استعمال
اسان کي پنهنجي سلاد ۾ کيرا ڏاڍا پسند آهن پر ڪرڙي انهن کان نفرت ڪندي آهي ۽ کيري جي بوءِ برداشت ناهي ڪري سگهندي، بس هڪ کيري کي ڪٽي ڪچن ڪائونٽر يا ڪنهن ٻي جاءِ تي رکي ڇڏي ڏيو، ڪرڙي توهان کي نظر نه ايندي.
3. ڪافي پائوڊر
ڪافي توهان جي دماغ کي تازو توانو ڪندي آهي پر ڇا ڄاڻيو ٿا ته اها ڪرڙين کي پري رکڻ ۾ توهان جي مدد ڪري سگهي ٿي؟ جي ها ٿورو ڪافي پائوڊر پيسيل تماڪ سان ملايو ۽ ان کي هر ڪنڊ ۾ رکو، ڪرڙي جو اچڻ بند ٿي ويندو.
4. ٿوم ۽ لونگ
هاڻ توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته ڪرڙي تيز بوءِ کان پري ڀڄندي آهي، ٿوم ۽ لونگ جي تيز بوءِ انهن ڪرڙين کي توهان جي رڌڻي کان پري رکندي، ٿوم جون ڪجهه ڳڙيون ۽ لونگ ڪچن ۾ رکي ڇڏيو، ڪرڙي مان توهان جي جان ڇٽي ويندي.
You might also like