بصر يا ٿوم: ڪهڙو تيل وارَن لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي؟

هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته اهو خوبصورت نظر اچي ۽ خوبصورتيءَ ۾ وارن جو ڪردار به اهم هوندو آهي.
وارن جي سار سنڀال لاءِ اسان مهانگا شيمپو، مختلف تيل ۽ ٻيون شيون خريد ڪندا آهيون پر خبر ناهي هوندي ته وارن لاءِ ڪهڙا جزا ضروري آهن.
بصر ۽ ٿوم جو تيل وارن لاءِ بهترين سمجهيو ويندو آهي، اچو ته ڄاڻيون انهن جا ڪهڙا فائدا آهن.
بصر جو تيل:
بصر ۾ موجود سلفر ڪوليجن جي پيداوار ۾ مدد ڏيندو آهي، جيڪو وارن جي خلين جي واڌ ويجهه ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ هيئر فولي ڪلز به مضبوط ٿيندا آهن، جنهن سان وارن ۾ رت جي گردش بهتر ٿيندي آهي، ان سان وار ڇڻڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي.
گهر ۾ بصر سان ٺاهيل تيل بازار مان ملندڙ تيل کان وڌيڪ بهتر هوندو آهي.
ٿوم جو تيل:
ٿوم جي تيل ۾ به سلفر هوندو آهي، جيڪو وارن جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري ڪوليجن کي هٿي ڏيندو آهي پر ٿوم ۾ سيلينيم ۽ زنڪ سميت ٻي معدنيات هوندي آهي، جيڪا وارن کي صحتمند رکڻ، انهن کي ڇڻڻ کان روڪڻ ۽ پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.
ٿوم جي تيل ۾ ايليسن به هوندو آهي، جيڪو رت جي گردش کي متحرڪ ڪندڙ مرڪب آهي ۽ اينٽي فنگل ۽ اينٽي مائڪروبيل خاصخيتن سان ڀرپور هوندو آهي، اهو مٿي ۾ ٿيندڙ انفيڪشن کان بچائيندو آهي ۽ خشڪي، خارش جهڙن مسئلن کان پري رکندو آهي.
وارن لاءِ ڪهڙو تيل فائديمند آهي؟
ٻئي تيل وارن لاءِ فائديمند آهن، ڇو ته انهن ۾ سلفر جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي پر ٿوم ۾ سيلينيم ۽ زنڪ هوندو آهي، جيڪي وارن لاءِ انتهائي اهم آهن.
ٿوم بصر جي ڀيٽ ۾ جراثيم مار خاصيتن سان به ڀرپور آهي، تنهن ڪري وارن لاءِ ٿوم جو تيل بصر جي تيل کان وڌيڪ بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.