آسٽريليا کي ٽوٽا چٻائيندڙ حارث رئوف جو اهم بيان

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته اسان سيريز کان اڳ پلان ٺاهيو هو.
حارث رئوف آسٽريليا خلاف ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ کٽيو، هن سيريز ۾ مجموعي طور 10 وڪيٽون حاصل ڪيون.
حارث رئوف پهرين ميچ ۾ 3، ٻي ميچ ۾ 5 ۽ ٽين ميچ ۾ 2 وڪيٽون ورتيون.
آسٽريليا خلاف سيريز کٽڻ کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ حارث رئوف چيو ته اسان فينز لاءِ کيڏندا آهيون، جيڪي سدائين اسٽيڊيم اچي اسان کي سپورٽ ڪندا آهن.
هن چيو ته سيريز کان اڳ بالرن پلان ٺاهيو هو، جنهن تي عمل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.