جيڪڏهن اوهان آءِ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته ڇا ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته ان جي اسڪرين تي ڪيئي دفعا هڪ نارنگي ٽٻڪو ڇو نظر ايندو آهي؟
اِهو نارنگي ٽٻڪو فون ڪوريج جو اشارو ڏيڻ واري لائينز جي مٿان هوندو آهي، جنهن جو مقصد اوهان کي هڪ ڊيوائس جي اهم تفصيل بابت آگاهه ڪرڻ هوندو آهي پر گهڻي قدر واهپيدارن کي ان جي ڄاڻ ئي ناهي هوندي.
جيڪڏهن اوهان به اڻڄاڻ آهيو ته اِهو ڄاڻي وٺو ته اِهو ٽٻڪو تڏهن اسڪرين تي نظر ايندو آهي جڏهن ڪو اوهان جي ڊيوائس جي مائيڪرو فون استعمال ڪندو آهي.
اِهو پرائيويسي فيچر ايپل آءِ او ايس 14 سان گڏ متعارف ڪرايو هو، آءِ فون ۾ اِهو نارنگي ٽٻڪو يا ڊاٽ ان وقت ظاهر ٿيندو جڏهن ته اوهان يوٽيوب يا اهڙي قسم جون ٻيو ايپس استعمال ڪندئو جن کي پنهنجي ڪم لاءِ مائيڪرو فون تائين رسائي جي ضرورت پوندي آهي.
اهڙي ريت فون ڪالز يا وائس ٽو ٽيڪسٽ سروس استعمال ڪرڻ دوران به اِهو نارنگي ٽٻڪو نظر ايندو آهي، ان کانسواءِ ڪيئي دفعا فون اسڪرين نارنگي ڊاٽ بدران سائو ٽٻڪو به نظر ايندو آهي.
سائي رنگ جو ٽٻڪو ان وقت ظاهر ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن ايپ طرفان ڪئمرا تائين پهچ حاصل ڪئي ويندي آهي يا ڪئمرا ايپ، فيس ٽائيم ۽ وڊيو رڪارڊ ڪندڙ ايپس کي استعمال ڪرڻ دوران به اِهو ڊاٽ نظر ايندو آهي.
جيڪڏهن اوهان اِهو ڏسڻ چاهيو ٿا ته نارنگي ڊاٽ ڪهڙي ايپ جي ڪري ظاهر ٿئي ٿو ته مٿي کان هيٺين پاسي SWIPE DOWN ڪرڻ تي اوهان ڏسي سگهندئو ته ڪهڙي ايپ مائيڪرو فون استعمال ڪري رهي آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like