وڪيل ڪاري رنگ جو ڪوٽ ڇو پائيندا آهن؟

وڪيلن کي ته توهان ڏٺو ئي هوندو پر ڇا ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته اهي ڪاري رنگ جو ڪوٽ ڇو پائيندا آهن؟
ان سوال جو جواب ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ ان لاءِ ماضي ۾ وڃڻو پوندو.
19هين صدي ۾ ڊاڪٽر ۽ وڪيل ٻئي ڪارو ڪوٽ پائيندا هئا، جنهن سبب عام ماڻهن لاءِ انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکيو هوندو هو.
پر وقت گذرڻ سان ڊاڪٽرن پنهنجي يونيفارم تبديل ڪري ڇڏي ۽ اڇو ڪوٽ پائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
اڇي رنگ کي صفائي سان ڳنڍيو ويندو هو ۽ ان سبب اسپتالن ۾ اڇي رنگ جي چادرن ۽ لباس جو استعمال شروع ڪيو ويو ته جيئن جراثيمن خلاف جنگ جو اظهار ٿي سگهي.
ان جي ڀيٽ ۾ وڪيلن جي لباس جي رنگ ۾ تبديلي نه آئي ۽ انهن ڪاري رنگ جي ڪوٽ کي برقرار رکيو.
هونئن اهو ڄاڻي ڇڏيون ته 17هين صدي ۾ برطانيا ۾ وڪيلن لاءِ ڪاري رنگ جي لباس جو استعمال شروع ٿيو هو.
1686 ۾ بادشاهه چارلس (2) جي لاڏاڻي کانپوءِ ماڻهن ڪارو لباس پائڻ شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ اهو وڪيلن جو رسمي لباس بڻجي ويو.
جيستائين ان رنگ جي چونڊ جا ڪارڻ آهن ته پهريون سبب اهو آهي ته سڀني رنگن ۾ ڪارو رنگ سڀني کان اثرائتو هوندو آهي ۽ ان رنگ ۾ ڪا تبديلي ناهي ايندي.
تنهن ڪري اهو رنگ ان ڳالهه جي علامت سمجهيو ويندو آهي ته سچائي ڪڏهن به ڪوڙن الزامن ۾ نٿي دٻجي سگهي ۽ ڪنهن وڪيل طرفان هر فيصلو بنا سوچڻ سمجهڻ جي ناهي ڪيو ويندو.
ائين اهو رنگ طاقت ۽ اختيار جي علامت به سمجهيو ويندو آهي، وڪيلن ۽ ججن طرفان ان رنگ جو استعمال انصاف جي علامت طور ڪيو ويندو آهي.
ماضي ۾ لباس لاءِ تمام گهٽ رنگ دستياب هوندا هئا ۽ انهن مان اڪثر رنگ موزون نه سمجهيا ويندا هئا، تنهن ڪري ڪارو رنگ وڪيلن جي زندگي جو حصو بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.