ٻڌايو وڃي ته آئين ۾ ترميم جو نسخو ڪٿان آيو؟ اسد قيصر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر آهي ته پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽمپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مولانا فضل الرحمان جو ٿورائتو آهيان جو هن ان معاملي ۾ بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسد قيصر چيو ته قانون واري وزير اعتراف ڪيو آهي ته وٽس آئيني مسودي جو ڊرافٽ ناهي، ٻڌايو وڃي ته اِهو ڊرافٽ ڪٿان آيو؟
سندس چوڻ هو ته جيڪا به آئيني ترميم آهي ان بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي وڃي ۽ ان تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي .
هن وڌيڪ چيو ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران جنهن نموني ڪوڙ ڳالهايو ويو ان جو مثال نه ٿو ملي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.