اسلام آباد(حامد مير+رئوف ڪلاسرا) آئيني پئڪيج جي منظوري خاطري مولانا فضل الرحمان کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي حڪومت ذريعي دٻاءُ وڌو ويو،برادر اسلامي ملڪ بابت ته هن ڪجهه نه ڳالهايو، پر جن قوتن اهو ڪم ڪيو انهن کي مولانا ميار ڏني توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو اهو اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ها،اسان سان توهان ڪهڙو سلوڪ ڪري چڪا آهيو؟ فضل الرحمان پارٽي جي مجلس شوريٰ اجلاس ۾ سموريون ڳالهيون رکي ڇڏيون، پارٽي هن کي مشورو ڏنو ته مسودو گهرايو، ٽي چار ڏينهن ائين گذري ويا پر مسودو مڪمل طور نه موڪليو ويو، مولانا کي ڪجهه شيون ڏيکاريون ويون، هن ڪجهه شين تي اعتراض ڪيو، جن کي ختم ڪيو ويو،مولانا ان معاملي تي پي ٽي آءِ کي اعتماد ۾ ورتو آهي، اختر مينگل کي شهبازشريف پاڻ فون ڪيو، پوءِ اسحاق ڊار هن وٽ ويو،مينگل کيس ياد ڏياريو ته توهان جنرل باجوا جي ايڪسٽينشن جي معاملي تي به اهڙا ٽڪساٽ کيڏيا،بعد ۾ اختر مينگل کي ”ٻئي ڪٿان“ رابطو ڪيو ويو پر هن اڃا ناهي مڃيو، لڳي رهيو آهي ته حڪومت جو هوم ورڪ پورو ناهي،قوم کي ياد هجي ته پاور شيئرنگ جي معاملي تي چوڌري شجاعت جي گهر تي آصف زرداري،شهبازشريف ۽ ٻيا ويٺل هئا پر مولانا فضل الرحمان کي نه گهرايو ويو هو، هن وقت پوري جو پورو ٽبر مولانا جي گهر پهتل آهي، هن وقت مولانا پنهنجي بارگيننگ پوري ڪندو،جي يو آءِ کي گورنر شپ،عهدا کپن يا ٻيو ڪجهه کپي ته ان جو مطلب ته فضل الرحمان کي آئيني پئڪيج تي اعتراض ناهي،حڪومت حد کان وڌيڪ خوداعتمادي جي چڪر ۾ ٽن ڏينهن کان پارليامينٽ جا اجلاس ڪرائي رهي آهي، پاڪستان ۾ اڪثر آئيني ترميمون اسٽيبلشمينٽ جي فرمائش تي ٿينديون آهن،جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي ڇنڇر ۽ آچر تي قوم آڏو پارليامينٽ کي تماشو بڻايو ويو آهي، سرگرميون پارليامينٽ کان ٻاهر ٿي رهيون آهن، ترميمن تي پهرين پارليامينٽ ۾ بحث ٿيندو آهي پر هن وقت سڄو معاملو ڳجهو رکيو ويو آهي، وزيراعظم اختر مينگل کي مسودو ئي نه موڪليو، لڳي ٿو ته ”هڪ صاحب“ جي نوڪري جو مدو ختم ٿي رهيو آهي، ان صاحب لاءِ نئين آئيني عدالت بڻائي پئي وڃي،ٻئي سينئر جج لاءِ چيف جسٽس بڻجڻ جو رستو روڪيو پيو وڃي،ان ترميم ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا جج ٽارگيٽ بڻجي رهيا آهن، جن ايجنسين جي مداخلت خلاف خط لکيو هو، هر حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته آرمي چيف ۽ چيف جسٽس ان جي مرضي جو بڻجي وڃي،جيئن هينئر فضل الرحمان کي پردي پٺيان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ايئن ئي عمران خان جي دور ۾ جنرل فيض ڪندو هو، فيض جي دور ۾ 30 سالن جو منصوبو هو هن وقت منصوبو آهي ته پهريان 5 سال شهبازشريف ۽ بعد ۾ 5 سالن لاءِ وزيراعظم بلاول بڻجي،هن وقت ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي بي اثر بڻيل آهي، آئيني پئڪيج بابت ڪنهن کي به خبر ناهي ته ان ۾ ڇا آهي، حڪومت پاران ميڊيا جي ماڻهن کي الڳ الڳ خبرون ڏنيون ويون آهن،
مولانا فضل الرحمان عالمن کي جج بڻائڻ ۽ بلوچستان حڪومت ۾ حصو گهري ورتو؟
اسلام آباد (فخر دراني/اسد طور) آئيني ترميم لاءِ جوڙ ٽوڙ ۽ نمبر گيم جي راند هلندي رهي. مولانا فضل الرحمان سان رات دير تائين وفد ملندا رهيا. حڪومتي وفد ۽ پي ٽي آءِ جي وفد به ساڻس ملاقاتون ڪيون. مولانا فضل الرحمان جي هڪ تجويز اها آهي ته مدي ۾ واڌ ڪنهن به اداري لاءِ نه هجڻ گهرجي ۽ اها سٺي ڳالهه ناهي. مولانا فضل الرحمان چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي حق ۾ نه آهي، حڪومت کيس قائل ڪري رهي آهي ته اهو ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ ناهي. مولانا فضل الرحمان کي اهو به قبول ناهي ته ججن جو انگ وڌايو وڃي. آئيني عدالتن جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان مڃي ورتو آهي. اصل ۾ مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه مطالبا به آهن. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان بلوچستان حڪومت ۾ حصو گهريو آهي. بلوچستان ۾ حڪومت پيپلزپارٽي جي آهي سندس مطالبو آهي ته کيس وڏ وزارت ڏني وڃي. سندس ٻيو اهم مطالبو اهو آهي ته مدرسن مان تعليم پرائيندڙ مفتين ۽ عالمن لاءِ عدالتن ۾ جج طور مقررين جا رستا کولڻ گهرجن. ان سان اهو ٿيندو ته جيڪي دهشتگرد هوندا آهن ته جڏهن سزا ڪو مفتي يا عالم ڏيندو ته ان جي ساک وڌيڪ هوندي. ان لاءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پي پي سي ۾ ترميمون ڪيون وڃن ۽ لوئر جڊيشري ۾ مفتين ۽ عالمن جي جج طور مقرري جو ڪو طريقيڪار واضح ٿيڻ گهرجي. حسبا بل پهريان رد ٿي چڪو هو پر هاڻي مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته ڪنهن ٻئي طريقي سان ان کي اڳتي وڌائجي. مولانا فضل الرحمان جي خواهش آهي ته سندس ووٽ بينڪ به مضبوط ٿئي ان لاءِ هو پنهنجي ديوبند جي مفتين ۽ عالمن لاءِ روزگار جا در کولڻ چاهي ٿو. سندس انهن مطالبن تي ڳالهيون بيٺيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان حڪومت جي حوالي سان ساڻس ملڻ ويو ۽ حڪومت طرفان قانون واري وزير کيس خاطري ڪرائي وئي ته پي پي سي يا لوئر جڊيشري بابت ڪم ڪري سگهجي ٿو. اهو چيو ويو هو ته مولانا خيبرپختونخوا جي گورنر شپ به گهري رهيو آهي ۽ حڪومت کيس ڏئي سگهي ٿي پر مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخوا ۾ گورنر شپ نٿو وٺڻ چاهي سندس ڌيان بلوچستان تي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ کيس اهو چيو ته اوهان جي سياست تڏهن بچندي جڏهن اوهان اسان سان گڏ رهندا. پي ٽي آءِ کيس ڪا آڇ ناهي ڪئي. هن سموري منظرنامي ۾ نواز شريف ملاقات نه ڪري رهيو هو پر هاڻي نواز شريف به ظاهر ٿي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته آئيني ترميمون پاس ڪرائڻ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن.