ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير)ضلعي گهوٽڪي جي بدنام زمانه رونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ برقرار آهي، رونتي ٿاڻي جي حد ۾ قتل، ڦر، اغوا، پوليس مقابلن ۾ گهربل 12 سئو کان وڌيڪ جوابدار روپوش بڻيل آهن جيڪي هن وقت به ڪچي وارن علائقن ۾ پنهنجو اثر رسوخ رکن ٿا انڪري ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪار ڌاڙيلن جي هدايتن موجب پنهنجي حدن تائين محدود رهن ٿا. ذريعن موجب جيڪي پوليس عملدار يا اهلڪار ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي جي حڪمت عملي ٺاهيندا آهن ته انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي جنهنڪري مقامي پوليس اهلڪار ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي ناهن ڪري سگهندا ڇو ته ڌاڙيلن جو مضبوط نيٽورڪ کين ڌمڪائي ٿو جڏهن ته پوليس اهلڪارن کي تحفظ به نه ٿو ملي. رونتي ڪچي جي ڌاڙيلن ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو سميت ڪيترن ئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪيو آهي ان باوجود ڪيسن ۾ نامزد جوابدار پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي. ذريعن موجب رونتي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا ٿاڪ قائم ٿيل آهن جتي سرعام هٿياربند ويٺل هجن ٿا ۽ ان سموري صورتحال کان پوليس عملدار واقف هوندي به ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهن،
شر گينگ ۽ جاگيراڻي گينگ سڀ کان وڌيڪ مضبوط
ميرپور ماٿيلو: ضلعي ۾ شر گينگ ۽ جاگيراڻي گينگ مضبوط بڻيل، ڌاڙيلن جو نيٽورڪ شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ رحيميار خان تائين پکڙيل آهي. خبر موجب ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ شر گينگ ۽ جاگيراڻي گينگ سرگرم آهن، جيڪي ڀنگ لاءِ ماڻهن کي اغوا ڪري مختلف ضلعن جي ڌاڙيلن کي وڪرو ڪن ٿا. ڌاڙيلن جو نيٽورڪ رحيميار خان سميت سکر، شڪاپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پکڙيل آهي، پوليس ڪارروائين دوران هڪٻئي کي پناه ڏيندا رهن ٿا، سرعام موبائل ۽ سوشل ميڊيا به استعمال ڪن ٿا.
راهب شر، راڻو شر، عمر شر ۽ ٻين مٿان ڪروڙين رپيا انعام مقرر ٿيل
ميرپور ماٿيلو: گهوٽڪي ضلعي ۾ راهب شر ,راڻو شر ,عمر شر ,نادر شر ,شهزادو ملهڻ ,ثنو شر ,چاندي شر ۽ ٻين مٿان ڪروڙين روپيا انعام مقرر ٿيل آهن. تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران ضلعي گهوٽڪي جي ڌاڙيلن راهب شر ,راڻو شر ,عمر شر ,نادر شر ,شهزادو ملهڻ ,ثنو شر ,چاندي شر ۽ ٻين مٿان ڪروڙين روپيا انعام رکيل آهي، ڄاڻايل ڌاڙيل سوشل ميڊيا ذريعي پوليس عملدارن کي ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا. مسلسل حملن سبب پوليس پاران ڪيتريون ئص پڪٽون به ختم ڪيون ويون آهن