ٺٽي ضلعي ۾ موجود سونڊا وارو تاريخي قبرستان

تحرير: امين جويو

سونڊا وارو قديم ۽ تاريخي قبرستان ٺٽي ضلعي ۾ موجود مڪليءَ جي قبرستان کان پوءِ سڀ کان وڏو قبرستان آهي. هتي موجود هزارين قبرن مٿان خوبصورت ۽ مختلف قسم جي ڊزائينن واري اُڪَرَ جو ڪم ٿيل آهي. سونڊا شهر مُک قومي شاهراهه تي واقع آهي ۽ هي ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر- اوڀر طرف موجود آهي.

هي تاريخي قبرستان ، جِهرڪ شهر کان ڏکڻ – اولهه طرف ڇهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ٺٽي/ جهرڪ واري روڊ سان لڳو لڳ واقع آهي. هن رستي جي وَٽِ سان ئي هڪ مٿانهون هَموار پوٺو آهي ، جيڪو گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃي ۽ هڪدم زمين جي سَنوت ۾ اچي ، سنڌو درياءَ جي اولهه ڏانهن موڙ واري گولائيءَ جي چوڌاري ڦري اچي ٿو.  سونڊا وارو هي قبرستان اُن هيٺاهينءَ زمين تي واقع آهي ، جنهن جي ايراضي لڳ ڀڳ ٻه ڪلو ميٽر هم چورس ٿي ويندي.

قديم آثارن جي ڄاڻو مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ لکيو آهي ته ”هي قبرستان بلوچن جو آهي“.

جڏهن ته بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ اها راءِ ڏئي ٿو ته ؛ ”سورهين ۽ سترهين صديءَ جون هي قديم قبرون ڪنهن وڏيءَ جنگ جو پتو ڏين ٿيون ، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته آخر اها جنگ ڪنهن جي وچ ۾ ٿي هوندي“ان کان سواءِ جيمس برجيس ، جنرل هيگ ۽ ٻين ڏيهي توڙي پرڏيهي ليکڪن پڻ سونڊا واري تاريخي قبرستان بابت لکيو آهي .

منهنجي خيال ۾ سونڊا واري تاريخي قبرستان ۾ لڳل خونريز جنگ جا پيرا کڻڻ لاءِ اسان کي    ” تاريخ فيروز شاهي “ پڙهڻ گهرجي ، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ؛ ” سنڌ ۾ سونڊا واري ماڳ تي سن 1351ع ۾ دهلي جو سلطان محمد بن تغلق مارجي ويو“ڪيئن مارجي ويو؟ ڪنهن جي هٿان مارجي ويو؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي ، جنهن تي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان عَوامي آواز اخبار ۾ لکبو.  في الحال هتي سونڊا وارو تاريخي ۽ اُڪر ٿيل قبرن وارو قبرستان ڏسڻ جو شوق رکندڙن لاءِ ڪجهه اهم صلاحون ڏجن ٿيون ؛

  1. جيڪڏهن ڪراچيءَ منجهان صبح جو سوير ڀَرو نڪرجي ته هي ماڳ هڪڙي ڏينهن ۾ ئي گهمي ڦري واپس ڪراچي پهچي سگهجي ٿو.
  2. سونڊا جي ڪنهن مقامي ماڻهو سان ضرور رابطو ڪرڻ گهرجي ، جيڪو اتي چڱي نموني سان گهمائي ڦيرائي سگهي ۽ علائقي بابت ٻي اهم ڄاڻ پڻ ڏئي سگهي.
  3. سونڊا وارو هي قبرستان مُک قومي شاهراهه تي موجود آهي ، تنهن ڪري سياحن کي پنڌ ڪرڻ يا هن کي ڳولڻ جي جستجو نه ڪرڻي پوندي.
  4. سونڊا ۾ موجود ڳاڙهو حلوو تمام گهڻو مشهور آهي ، سو سياحن کي اهو ضرور چَکڻ ۽ خريد ڪرڻ گهرجي.
  5. سونڊا سان گڏ ڪينجهر جو سير پڻ ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن وقت جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته سياح سونڊا سان گڏ ڪينجهر ۽ مڪلي پڻ ترتيبوار گهمي سگهن ٿا.

سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ۽ سياحت کاتي وارن لاءِ ڪجهه اهم صلاحون

  1. سونڊا قبرستان ۾ موجود اُڪَرَ واريون قبرون سِمَ ، سيڪَ ۽ برساتن جي ڪري ڳَري ختم ٿي رهيون آهن . تنهن ڪري سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ، انهن جي بچاءَ لاءِ ترت اپاءَ وٺن.
  2. هن قبرستان کي چئوديواري جي تمام سخت ضرورت آهي ، تنهن ڪري لاڳاپيل کاتي وارن کي گهرجي ته هتي جلد ئي هڪ بائونڊري وال ڏيارين ۽ هتي ڪجهه معلوماتي بورڊ به لڳرائين.
  3. جيئن ته هي قبرستان مُک قومي رستي تي ٺهيل آهي ، تنهن ڪري هتي اداري پاران ڪو رهائش جو بندوبست هئڻ گهرجي. ان سان گڏ سياحن جي ويهڻ لاءِ بينچون ۽ اُس کان بچڻ جو انتظام پڻ هئڻ گهرجي.
  4. سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي ، سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي گهرجي ته سونڊا جي قديم تاريخي قبرستان تي ڪو سيمينار يا ڪانفرنس ڪرائين ته جيئن ان جي اهميت اجاڳر ٿئي ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه جي ماڻهن کي هن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي.
  5. سنڌ حڪومت جي مٿي ڄاڻايل کاتن کي گهرجي ته سونڊا ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين قديم تاريخي ماڳن مڪانن ۽ سياحت لاءِ موزون جاين جا بروشر ٺهرائين ۽ اهي بروشر ملڪ جي مختلف ايئرپورٽن ۽ عوامي جاين تي رکرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.