نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ تازو آزادي ماڻيندڙ اروند ڪجريوال چيو ته منهنجي سياسي قسمت ووٽرن جي هٿ ۾ آهي.
هن دهلي ۾ نومبر ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو به ڪيو.
واضح رهي ته دهلي رياست جون چونڊون فيبروري 2025 ۾ شيڊيول آهن.
ياد رهي ته اروند ڪجريوال هلندڙ سال مارچ ۾ شراب پاليسي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو هو.
You might also like