واٽس ايپ جو اهو فيچر، جيڪو توهان جون تصويرون ليڪ ڪري سگهي ٿو!

واٽس ايپ ۾ سامهون ايندڙ هڪ نقص جو فائدو کڻندي هيڪر ايپ جي ”ويو ونس“ فيچر کي باءِ پاس ڪندي واهپيدارن جي نجي تصويرن ۽ چيٽس تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.
2022 ۾ متعارف ڪرايل ويو ونس فيچر جو مقصد پرائيويسي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ هو، جنهن تحت ڪنهن به ميڊيا ۽ ميسيج کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، ان جو اسڪرين شاٽ نٿو وٺي سگهجي، ايتري تائين جو اسڪرين رڪارڊنگ به نٿي ڪري سگهجي.
پر زينگو ايڪس ريسرچ جي سائبر سيڪيورٽي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته ميٽا ان فيچر جي حوالي سان غلط فهمي جو شڪار آهي.
ٽيم دريافت ڪيو ته سائبر حملي آور سولائي سان هيڪ ڪيل واٽس ايپ اڪائونٽن ۾ ويو ونس ميسيجن کي محفوظ ڪري ان جي نقل شيئر به ڪري سگهن ٿا.
بليپنگ ڪمپيوٽر ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ زينگو جي سي ٽي او ٽيل بيئري ٻڌايو ته ان جي ٽيم ذميوراڻي طور تي ميٽا سامهون اهي انڪشاف رکيا پر جڏهن ٽيم کي اهو احساس ٿيو ته ان نقص جو فائدو کنيو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدارن جي پرائيويسي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اها ڄاڻ عوام سامهون پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.