نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ پراسرار بخار سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا احمد آباد مان ڀارتي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته فوتين ۾ 5 سالن کان 50 سالن تائين عمر جا ماڻهو شامل آهن.
اختيارين موجب بخار جي سببن ۽ ان جي پکيڙ بابت جاچ جاري آهي، برسات کانپوءِ ٻين بيمارين سان گڏ پراسرار بخار 7 ڳوٺن ۾ پکڙجي چڪو آهي.
You might also like