”جنهن ڏينهن عمران خان روڊن تي اچڻ جو چيو ته توهان کان بنگلاديش وسري ويندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جنهن ڏينهن عمران خان روڊن تي اچڻ جو چيو ته توهان کان بنگلاديش وسري ويندو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان پاڪستان کي روانڊا نٿا بڻائڻ چاهيون، اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي، اختلاف ختم ڪيو، جيڪڏهن اسان حالتن کي نه سمجهيو ته پارليامينٽ هارائي ويندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي 70 سيڪڙو عوام جي حمايت حاصل آهي، اسان معاملا اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، جنهن ڏينهن عمران خان روڊن تي اچڻ جو چيو ته توهان کان بنگلاديش وسري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.