ماسڪو (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جنگ ۾ اولهه ملڪن جي وڌندڙ مداخلت کانپوءِ روس برطانيا جي 6 سفيرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روس يوڪرين جنگ ۾ وڌندڙ مداخلت کي ڏسندي برطانيا جي 6 سفارتڪارن جا اجازت ناما واپس وٺي کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
روس جي وفاقي سيڪيورٽي سروس ايجنسي (ايف ايس بي) جو چوڻ آهي ته جن سفيرن جا اجازت ناما واپس ورتا ويا، انهن تي جاسوسي جو الزام آهي ۽ انهن جون سرگرميون ملڪي سلامتي لاءِ خطرو هيون.
اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جتي اولهه طرفان يوڪرين کي روس سان جنگ لاءِ وڌيڪ هٿيار ڏيڻ ۽ اهي روس خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جون خبرون آهن، جڏهن ته ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات به ڪندو.
هوڏانهن ماسڪو ۾ قائم برطانوي سفارتخاني ۽ برطاني حڪومت اڃا تائين پنهنجي سفيرن جي نيڪالي تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو.
You might also like