نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ جاچ ايجنسي سي بي آءِ طرفان عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ ۽ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال جي گرفتاري کي بنا جواز قرار ڏنو ۽ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اروند ڪجريوال کي 6 مهينن کانپوءِ آزادي ملڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب عدالت مان ضمانت ملڻ باوجود ڪجريوال ليفٽيننٽ گورنر جي اجازت بنا نه پنهنجي آفيس وڃي سگهي ٿو ۽ نه ڪنهن سرڪاري فائل تي صحيحون ڪري سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like