ڍاڪا کان ڪراچي ويندڙ اڏام جي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا کان باڪو ويندڙ اڏام ۾ فني خرابي سبب بوئنگ جهاز ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب فلاءِ پرو ايئر لائن جي اڏام ايف پي 5202 ڍاڪا کان باڪو وڃي رهي هئي ته ڀارتي فضائي حدن ۾ جهاز ۾ فني خراب پيدا ٿي ۽ جڏهن جهاز پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ته فني خرابي برقرار رهي.
ذريعن موجب پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ڪراچي سان رابطو ڪيو، جنهن تي لينڊنگ جي اجازت ملڻ تي پائلٽ اڏام کي ري روٽ ڪيو ۽ سکر مان جهاز کي ڪراچي ڏانهن موڙي ڇڏيو، اڏام رات پوڻي 3 وڳي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.