ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، نئين حب ڪينال جي تعمير جي حوالي سان معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، جنهن سان پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.
نئين حب ڪينال جي تعمير لاءِ انجنيئرنگ پروڪيورمنٽ ڪنسٽرڪشن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، معاهدي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن صلاح الدين احمد صحيحون ڪيون.
ترجمان موجب صحيحن جي تقريب ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ٿي، منصوبي ۾ نئين ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي شامل آهي.
ترجمان ٻڌايو ته حب پمپنگ اسٽيشن رائزنگ مين، حب فلٽر پلانٽ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ منصوبي ۾ ٻنهي کي 80 ايم جي ڊي کان 100 ايم جي ڊي تائين اپ گريڊ ڪيو ويندو.
ترجمان موجب منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو، لاڳت 12.76 بلين آهي، جيڪا فڪس آهي، منصوبي سان ڪراچي، خاص طور اولهه ضلعي، ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.
You might also like