افغان نيوزيلينڊ ٽيسٽ ختم، ڇويهه سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ميچ ۾ هڪ به بال نه هليو!

نوائيڊا (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ڀارت ۾ شيڊيول واحد ٽيسٽ ميچ برسات جي ورچڙهي وئي.
ڀارتي رياست نوائيڊا جي وجئه سنگهه پاٺڪ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ شيڊيول ٽيسٽ ميچ ۾ برسات ۽ خراب آئوٽ فيلڊ سبب ٽاس به نه ٿي سگهي.
ٽيسٽ ميچ جا شروعاتي 2 ڏينهن موسم ٺيڪ هئڻ ۽ سج نڪرڻ باوجود آلي آئوٽ فيلڊ سبب ٽاس نه ٿي سگهي، جڏهن ته باقي ٽي ڏينهن مسلسل برسات سبب ٻئي ٽيمون ميدان ۾ نه لهي سگهيو.
ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن امپائرن طرفان ميدان جو معائنو ڪيو ويو پر گرائونڊ ۾ پاڻي بيهڻ سبب واحد ٽيسٽ ميچ بنا ٽاس جي ئي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، گريٽر نوائيڊا ۾ لڳاتار برسات سبب افغانستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ختم ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 1890 کان هنيئر تائين رڳو ست ڀيرا ائين ٿيو آهي جو ٽيسٽ ميچ بنا بال هلائڻ جي ختم ڪئي وئي آخري ڀيرو ائين 1998 ۾ ٿيو ۽ اِها ميچ به نيوزيلينڊ جي هئي، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڊونيڊن ۾ شيڊيول ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.