سٺي خبر، ڪيتريون ئي نيون ايئر لائنز پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيون ايئر لائنز پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ان سلسلي ۾ ايئر لائنز سي اي اي کان لائسنس ۽ اجازت نامي لاءِ رابطا ڪيا آهين.
هوابازي جي صنعت لاءِ سٺي خبر اچي وئي، ملڪ جي مختلف شهرن لاءِ ڪيترائي نوان ايئر لائنز آپريشن شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب جيٽ گرين، ڪيو ايئر ويز، گو گرين ايئر جي نالي سان نين مقامي ايئر لائنز سي اي اي کان لائسنس ۽ اجازت نامي لاءِ رابطا ڪيا آهن.
ايئر انڊس به ٻيهر فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ سي اي اي سان رابطا ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيو ايوي ايشن ۽ لبرٽي ايئر جي نالي سان به نئين ايئر لائن لاءِ سي اي اي کان لائسنس وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو.
سول ايوي ايشن اختيارين نين ايئر لائنز جي لائسنس جي درخواست لاءِ رابطن جي تصديق ڪئي آهي.
ذريعن موجب ايوي ايشن سيڪٽر ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ لائسنس لاءِ رابطو ملڪي معيشت لاءِ اهم آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي انگ ۾ نيون ايئر لائنز اچڻ سان مسافر کي سفري سهولت سان گڏ ايوي ايشن شعبي ۾ منافعو ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.