عمران خان، علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته انهن کي علي امين گنڊاپور جا پير پڪڙڻ گهرجن ته خدا جي واسطي وڃي افغانستان سان ڳالهيون ڪيو، ڳالهه ٻولهه بنا دهشتگردي ختم نٿي ٿي سگهي، علي امين جي موقف جي حمايت ڪيان ٿو، هو بلڪل درست چئي رهيو آهي.
صحافي سوال ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ پرڏيهي کاتي جي هوندي صوبائي حڪومت ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهي؟ ان تي عمران خان چيو ته پرڏيهي کاتي کي ڇڏيو، خيبر پختونخواهه دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جڏهن بلاول وزيراعظم هو ته افغانستان نه ويو، خيبر پختونخواهه ۾ پوليس جا ڪيترائي جوان شهيد ٿي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪار بغاوت تي لهي پيا آهن، پوليس هر هنڌ احتجاج ڪري رهي آهي، 24 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، دهشتگردي کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ملڪي معيشت تباهه ٿي ويندي.
هن چيو ته سڀ کان گهٽ دهشتگردي پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿي، جيڪڏهن ڪير دهشتگردي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان سان سهڪار ڪيو، علي امين ملڪ جي فائدي جي ڳالهه ڪئي آهي، علي امين وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ڪو ٽائم ته فڪس ناهي ڪيو، هن ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.