ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته عملي طور تي اڄ به ون يونٽ جو نظام لاڳو آهي، حڪمرانن ۽ ڪرتا ڌرتائن بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪڏهن به سڌو ۽ آئيني رستو نه ورتو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي يا مسلم ليگ ن، سڀني جي حڪومتن آڏو بلوچستان مسئلو رکيو، سڀني کي جڏهن ووٽن جي ضرورت هوندي آهي ته ڪلهن تي ويهاريندا آهن ۽ ضرورت پوري ٿي ويندي آهي ته سڃاڻڻ کان انڪار ڪندا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچ عليحدگي پسند جيڪڏهن ڪو واقعو ڪن ٿا ته اهي ان جي ذميواري کڻندا آهن پر ڇا ڪڏهن رياست به پنهنجي ذميواري ورتي آهي؟ توتڪ واقعي ۾ ڊيٿ اسڪواڊ ذڙيعي ماڻهن کي قتل ڪري اجتماعي قبر ۾ دفنايو ويو ڇا ڪڏهن ان جي رپورٽ وائکو ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪوشش ڪئي؟ هن چيو ته بنگلاديش جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ محب وطن هئا جن پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ جي شروعات ڪئي پر بنگلاديش کي ڌار ڪرڻ جا ذميوار اهي ئي سياستدان ۽ ادارا هئا جيڪي ملڪ جي تحفظ جا ذميوار هئا، اڄ بلوچستان ۾ به اهي ئي حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن.