اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مراد سعيد اهو طوطو آهي، جنهن ۾ ٻن ڄڻن جي جان آهي، جنرل فيض سڄو ملبو عمران خان تي وجهندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ باني اڳ ۾ چيو هو نيب ترميمن جي خلاف آهيان، وري انهن ئي ترميمن مان فائدو کنيائين.
هن چيو ته عمران خان جو جيل ۾ رهڻ سڀني جي فائدي ۾ آهي، جيڪڏهن جيل مان نڪتو ته سندس ڪهاڻي ختم، جيل ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ زندگي جي ضمانت ڪيئن ڏيندا؟
سندس چوڻ هو ته عليما خان پنهنجي ڀاءُ سان سچي آهي، ان جو ڪو مفاد ناهي، ان جو مفاد رڳو سندس ڀاءُ آهي، گنڊاپور اڳ ۾ چوندو هو ته ڪنهن جو پيءُ به عمران خان کي گرفتار نٿو ڪري سگهي، هاڻ چئي ٿو ته ڪنهن جو پيءُ به ملٽري ٽرائل نٿو ڪري سگهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا دعويٰ ڪندي چيو ته فيض حميد سڄو ملبو پي ٽي آءِ باني تي وجهندو.
Next Post
You might also like