اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڀاءُ کي مصر جي اڳوڻي صدر محمد مرسي جيان جيل ۾ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
خميس ڏينهن ايڪس تي بيان جاري ڪندي عليما خان الزام هنيو ته مرسي جي حراست ۾ ٿيندڙ موت جيان عمران خان کي به جيل ۾ قتل ڪرڻ جي سازش جو اطلاع مليو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته اسان جي خاندان کي اعتماد جوڳن ذريعن وٽان اهي تصديقي اطلاع وصول ٿيا آهن، اسان جو خاندان اها سازش ڪندڙن سان خطاب ڪرڻ چاهيندو، تاريخ تي نظر وجهو ۽ سمجهو ته فرعونن ۽ ٻين ماڻهن سان ڇا ٿيو، جن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت اڊيالا جيل تي آءِ ايس آءِ جو ڪنٽرول آهي، جتي منهنجي ڀاءُ کي رکيو ويو آهي، ڇا توهان پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ دعا ڪندڙ لکين ماڻهن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته عمران خان ڇو ٿو سمجهي ته کيس جيل ۾ ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like