بلاول جي قيادت ۾ پ پ وفد جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ وفد ملاقات ڪئي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پ پ وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ مرتضيٰ وهاب شامل هئا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل به شرڪت ڪئي.
پڌرائيءَ موجب وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو.
وزيراعظم چيو ته پ پ حڪومت جي اهم اتحادي جماعت آهي، ان ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو، ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
پڌرائيءَ موجب پ پ وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي تعريف ڪئي.
ان کانسواءِ پ پ وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.