نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا ۾ عورت فلائنگ آفيسر کي ونگ ڪمانڊر لڄالٽ جو نشانو بڻائي ورتو.
مودي جي ڀارت ۾ عورتن جي استحصال ۽ ريپ جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي، اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو به سامهون آيو آهي.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فضائيا جي 24 ورهين جي عورت فلائنگ آفيسر پنهنجي ونگ ڪمانڊر تي ريپ ۽ ذهني طور هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
عورت فلائنگ آفيسر موجب 31 ڊسمبر 2023 ۾ آفيسرز ميس ۾ نئين سال جي پارٽي دوران 38 ورهين جو ونگ ڪمانڊر پي ڪي سهراوت تحفو ڏيڻ بهاني ڪمري ۾ وٺي ويو، هن منٿن ۽ مزاحمت باوجود لڄالٽ جو نشانو بڻايو.
عورت آفيسر جو چوڻ آهي ته مون کي چپ نه رهڻ تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ذهني طور هراسان ڪيو ويو.
Next Post
You might also like