اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين کي امڪاني طور ملٽري حراست ۾ ڏيڻ کان روڪڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اعتراضن سان گڏ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي، جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ملٽري ڪورٽ جو خدشو ظاهر ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
Prev Post
You might also like