اسان جي ڀاڄين ۾ ٿوم جو استعمال لازمي آهي، هر گهر جي باروچي خاني ۾ موجود ٿوم کي سبزي مصالحي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
ٿوم ۾ موجود غذائي جزا اسان جي جسم لاءِ ڏاڍا فائديمند هوندا آهن، ڇو ته ان ۾ وٽامنز جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، اهو اسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو.
غذائي ماهرن موجب ٿوم فارسفورس، زنڪ، پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم جهڙي معدنيات سان ڀرپور هوندي آهي، ان ۾ وٽامن سي، وٽامن ڪي، فوليٽ (وٽامن B9)، نياسين )وٽامن B3) ۽ ٿامين (وٽامن B1 مونو) به سٺي مقدار ۾ هوندا آهن، جنهن سبب اها اسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿي.
جيڪڏهن کنگهه ۽ زڪام سان گڏ انفيڪشن جو مسئلو هجي ته ٿوم جون ٻه ڳڙيون خالي پيٽ کائڻ سان وڏو فائدو ٿيندو.
جيڪڏهن ڪنهن جو هاضمو خراب آهي ته ڪچي ٿوم کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو.
ٿوم آنڊن کي فائدو پهچائيندي آهي ۽ ساڙو گهٽائيندي آهي، اها پيٽ جي ڪيڙن کي به ماريندي آهي ۽ نقصانڪار بيڪٽيرياز جو خاتمو ڪندي آهي.
ٿوم مدافعتي قوت کي وڌائيندي آهي، ان ۾ موجود وٽامن سي انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
Prev Post
You might also like