ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گاڏيون خريد ڪرڻ جي خواهشمندن کي ڪمپني وڏو رليف ڏئي ڇڏيو، انڊس موٽرز واهپيدارن لاءِ گاڏي جي قيمت گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انڊس موٽرز ڪرولا ڪراس جي پهرين سالگرهه جي خوشي ۾ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي، ڪمپني طرفان ڪرولا ڪراس جي مختلف ويريئنٽ تي لکين رپين جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪرولا ڪراس جي 4 ويريئنٽ جي قيمت ۾ ساڍا 8 کان 9 لک رپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ٻن ماڊلز تي ساڍا 8 لک، جڏهن ته ٻن ماڊلز تي 9 لک رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
انڊس موٽرز طرفان اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڪرولا ڪرس جي گهٽ کان گهٽ قيمت 72 لک 99 هزار ۽ وڌ کان وڌ قيمت 89 لک 99 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
You might also like