اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جو پنجون ڪيس سامهون اچي ويو، 33 ورهين جو شخص 7 سيپٽمبر تي سعودي عرب مان آيو هو.
ملڪ ۾ ايم پاڪس جو پنجون ڪيس رپورٽ ٿي ويو، صحت واري وزارت جي ترجمان موجب شهري جو واسطو لوئر دير سان ۽ سفر جي هسٽري نار ملڪن مان آهي.
ترجمان ٻڌايو ته 33 ورهين جو شخص 7 سيپٽمبر تي سعودي عرب مان آيو هو، هو پشاور جي هوٽل ۾ ترسيو، مريض تندرست آهي ۽ کيس گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.
You might also like