اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي ڳرن بلن کان پريشان واهپيدارن لاءِ بري خبر اچي وئي، کانئن سيپٽمبر کان نومبر تائين واڌو وصوليون ڪيون وينديون.
ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي هڪ رپيو 74 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي، نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب اپريل کان جون تائين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي، واڌو وصوليون سيپٽمبر کان نومبر تائين ٽن مهينن ۾ ڪيون وينديون.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته واهپيدارن تي 43 ارب 23 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.
Next Post
You might also like