پي سي بي ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ 11 تجزئي نگارن کي برطرف ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ۾ ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ تجزئي نگار ( اينالسٽ ) فارغ ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي هدايت تي اينالسٽ جي اسڪروٽني ڪئي وئي، ڊيٽا ۽ وڊيو اينالسٽس جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ڊيٽا ۽ وڊيو اينالسٽس جي مختلف معاملن تي امتحان ورتو، 26 مان 11 تجزئي نگار ٽيسٽ ۾ ناڪام رهيا.
ذريعن موجب، 11 اينالسٽس کي فوري طور پي سي بي طرفان برطرف ڪيو ويو آهي جڏهن ته 15 اينالسٽس کي هاڻي مختلف ٽيمن سان گڏ لڳايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.