اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال انٽرنيٽ جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته هلندڙ سال اسان چين جي مدد سان هڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪئي آهي، جنهن ذريعي ريمورٽ ايرياز ۾ به انٽرنيٽ ڏئي سگهنداسين.
هن چيو وزيراعظم جي خواهش آهي ته سڀني ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن ٿئي، اسان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار نه ڪيو ته پوئتي رهجي وينداسين، ترقي لاءِ دنيا ۾ ايندڙ تبديلين موجب اڳتي وڌڻو پوندو، هر شعبي جي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
Next Post
You might also like