نواز شريف ميدان ۾، پهريون دورو بلوچستان جو ڪندو

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سياسي محاذ تي متحرڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چئن صوبن جي دورن جي شروعات بلوچستان کان ڪندو.پارٽي ذريعن موجب نواز شريف پهرين مرحلي ۾ ملڪ جا دورا ڪندو،  پهريون دورو بلوچستان جو ڪندو، ان کان پوءِ سنڌ ۽ پوءِ خيبرپختونخواهه جو دورو ڪندو، نواز شريف پنجاب جي مختلف ضلعن جو به دورو ڪندو.پارٽي ذريعن موجب نواز شريف بلوچستان ۾ پارٽي کي ٻيهر متحرڪ ڪندو، نواز شريف مخلص ۽ ڊگھي ساٿين کي اعليٰ تنظيمي عهدا ڏيندو.پارٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ نئين تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، تحصيل سطح تائين تنظيم سازي لاءِ مشاورتي عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، نئين تنظيم جو اعلان نواز شريف جي حتمي منظوري سان ڪيو ويندو ٻئي مرحلي ۾ يونين ڪائونسل تائين تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.