ورزش کي معمول بڻايو وڃي ته يقينن جسماني صحت سان گڏ دماغ تي به سٺو اثر پوندو، شگر جي مريضن کي به وزرش، خاص طور ويٽ لفٽنگ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان کين گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب روز ورزش سان جسم ۾ موجود سيلز وڌيڪ بهتر طريقي سان گلوڪوز جو استعمال ڪندا آهن، جنهن سان رت ۾ شگر جي سطح گهٽ رهندي آهي، خاص طور وزن کڻڻ واري ورزش پٺاڙن کي طاقتور بڻائيندي آهي، جنهن سان گلوڪوز جي وڌيڪ مقدار کي جسم ۾ اسٽور ڪري سگهجي ٿو ۽ مجموعي طور تي ميٽابولزم جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي.
هتي ماهران طرفان ٻڌايل اهي فائدا بيان ڪيا پيا وڃن، جيڪي شگر جا مريض وزن کڻي حاصل ڪري سگهن ٿا.
1: انسولين جي حساسيت
وزن کڻڻ واري ورزش جسم ۾ انسولين جي حساسيت کي بهتر بڻائيندي آهي ۽ جسم ۾ موجود سيلز وڌيڪ بهتر طريقي سان گلوڪوز جو استعمال ڪرڻ لڳندا آهن، اهو ان ڪري ٿيندو آهي، ڇو ته ورزش دوران پٺاڙن مان گلوڪوز خارج ٿيڻ جو عمل وڌي ويندو آهي ۽ ائين رت ۾ شگر جي سطح گهٽ ٿيندي آهي.
انسولين جي حساسيت بهتر ٿيڻ سان جسم کي وڌيڪ انسولين يا ڪنهن دوا جي ضرورت ناهي رهندي، جيڪو خاص طور شگر ٽائپ 2 جي مريضن لاءِ سٺو آهي.
2: رت ۾ شگر جي سطح جو بهتر انداز ۾ ڪنٽرول
مسلسل وزن کڻڻ واري ورزش رت ۾ شگر جي سطح کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي، جنهن سان جسم ۾ گلوڪوز جي وڌيڪ مقدار کي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو.
ذخيرو ڪرڻ جي اها بهتر صلاحيت رت ۾ شگر جي سطح ۾ واڌ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، خاص طور کاڌي کانپوءِ.
3: پٺاڙن جي مضبوطي
شگر جا مريض اڪثر رت ۾ شگر جي سطح کي قابو نه ڪرڻ سبب پٺاڙن جي ڪمزوري جو شڪار ٿي ويندا آهن پر وزن کڻڻ سان پٺاڙن کي طاقت ملندي آهي ۽ اهي مضبوط ٿيندا آهن، مضبوط پٺاڙا مجموعي طور ميٽابولزم کي بهتر بڻائيندا آهن.
4: چرٻي ۾ گهٽتائي
وزن کڻڻ سان جسم جي چرٻي گهٽجندي آهي، جسم ۾ چرٻي جي گهٽ سطح ميٽابولزم جي صحت کي بهتر بڻائيندي آهي.
5: بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي
شگر جا مريض هائپر ٽينشن جو شڪار ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان هوندا آهن پر وزن کڻڻ سان دل جي صحت بهتر ٿيندي آهي، جنهن سان بلڊ پريشر به گهٽ رهندو آهي.
You might also like