ڪرم امن معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ڪي پي حڪومت جو وڏو بيان سامهون اچي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف ڪرم امن معاهدي تي صحيحن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان ضلعي ۾ امن ۽ خوشحالي جو نئون سفر شروع ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر سيف چيو ته ٻنهي ڌرين طرفان معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، هڪ ڌر طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ صحيحون ٿيون هيون، جڏهن ته ٻي ڌر اڄ صحيحون ڪيون آهن.
هن چيو ته ٻئي ڌريون بنڪرز جي مسماري ۽ ڳرن هٿيارن جي حوالگي تي متفق ٿي ويون آهن، معاهدي تي ڪرم واسين کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته امن معاهدي سان ڪرم ۾ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو ۽ زندگي معمول تي اچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.